اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌ سماءَچار ) پارليامينٽ ۽ عدليا آمهون سامهون ٿي ويا، پارليامينٽ پاران چيف جسٽس جا پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اختيار ختم ڪرڻ لاءِ بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، پاڻمرادي نوٽيس بابت فيصلو ٽن سينيئر ججز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز، اسپيڪر بل ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو. گذريل ڪجهه مهينن کان مختلف معاملن تي عدليا ۽ حڪومتي موقف ۾ اختلافن واري معاملي تي پارليامينٽ ۽ عدليا آمهون سامهون اچي ويا آهن. حڪومت پاران، چيف جسٽس جا پاڻمرادو نوٽيس وارا اختيار محدود ڪرڻ لاءِ قانونسازي شروع ڪري ڇڏي آهي، حڪومت پاڻمرادو نوٽيس واري معاملي بابت “سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 ” قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، قانون واري وفاقي وپزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل بل تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اسپيڪر بل قانون ۽ انصاف بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو آهي، ڪميٽي “سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023” جو جائزو وٺي اڄ 29 مارچ اربع ڏينهن ئي قومي اسيمبلي کي موڪليندي. قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي پاران جائزو وٺڻ بعد قومي اسيمبلي کي موڪليل بل اڄ ئي منظور ڪرايو ويندو.
Tags پاڻمرادو نوٽيس چيف جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سوئوموٽو نوٽيس
Check Also
ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان
ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …