پاڪستان جي گري لسٽ ۾ شامل ٿيڻ وارين ڳالهين ۾ سچائي ناهي: ايف اي ٽي ايف

پيرس (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ شامل ٿيڻ وارين خبرن کانپوءِ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وضاحت جاري ڪندي اهڙي ڳالهه کي بيبنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايف اي ٽي ايف پاران جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته، تازو ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. ايف اي ٽي ايف جي وضاحتي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڍپاڪستان جي نظام ۾ اسٽريٽجڪ خاميون آهن. ته پاڪستاني نظام ۾ 10 خامين جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪا ٽاسڪ فورس جي معيار سان مطابقت نٿي رکي. ايف اي ٽي ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد خاميون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيرس ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي سهڪار ڪرڻ وارن ملڪن جي گري لسٽ ۾ شامل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هلندڙ سال فيبروري ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاڪستان کي تاديبي بندوبست ڪرڻ جي لاءِ 3 مهينن (جون تائين) جو وقت ڏنو هو. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان 25 اپريل تي ٿيل ايف اي ٽي ايف اجلاس ۾ 27 صفحن تي ٻڌل اينٽي مني لانڊرنگ ۽ اينٽي ٽيرر فنانسگ بندوبستن تي رپورٽ پيش ڪئي هئي پر 22 مئي تي بنڪاڪ جي غير رسمي اجلاس ۾ ان رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو ويو هو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *