اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان حڪومت، افغانستان ۾ طالبان جي باضابطا حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ امداد ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ دوائون، کاڌ خوراڪ جي کيپ رواني ڪئي وئي. پرڏيهي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾آهي ته، پاڪستان حڪومت انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جي کيپ تي مشتمل سامان افغانستان موڪلي رهي آهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته، ” سي – 130 “ جا ٽَي جهاز دوائون، کاڌي پيتي جو ٻيو سامان کڻي افغانستان وڃي رهيا آهن، افغان ڀائرن لاءِ امدادي سامان فوري طور تي جهازن ۾ موڪليو ويو آهي، وڌيڪ سامان روڊ رستي اماڻيون ويندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته موجوده ڏکين حالتن ۾ پاڪستان پنهنجي افغان ڀائرن لاءِ هر ممڪن امداد جاري رکندو، عالمي برادري کي به پرزور اپيل ڪيون ٿا ته افغانستان جي عوام جِي مدد لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، جيئن ڪنهن به انساني بحران کان بچي سگهجي. پاڪستان کان اڳ ۾ چين به افغانستان لاءِ 3 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جي امداد جو اعلان ڪري چڪو آهي، چين افغانستان جي ترقي ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ اعلان ڪري چڪو آهي.
Check Also
قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد
ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …