Monday , March 31 2025
Breaking News

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن کي به درخواست آهي ته اهي خارجين جو لڪل مڪروهه چهرو سامهون آڻين، هي اسان جي ۽ ايندڙ نسلن جي بقا جي جنگ آهي : آرمي چيف

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته، ملڪ جي سلامتي کان وڏي ڪا به ايجنڊا، ڪابه تحريڪ، ڪا به شخصيت ناهي، هي ملڪ آهي ته اسان آهيون، ملڪي سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، پائيدار استحڪام لاءِ قومي طاقت جي سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گورننس کي بهتر ۽ مملڪت پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن کي به درخواست آهي ته اهي خارجين جو لڪل مڪروهه چهرو سامهون آڻين، هي اسان جي ۽ ايندڙ نسلن جي بقا جي جنگ آهي : آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو قومي سلامتي جِي پارلياماني پارٽي جَي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته، اسان آخر ڪيستائين هڪ سافٽ اسٽيٽ طور جانين جو نظرانا ڏيندا رهنداسين،  اسان کي بهتر حڪمراني ۽ پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرور آهي، هي اسان جي ايندڙ نسلن ۽ اسان جي جنگ آهي، ملڪ آهي ته اسان آهيون، آرمي چيف جو چوڻ هو ته پائيدار استحڪام لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي سلامتي کان وڌيڪ ڪا به ايجنڊا ناهي،  ڪو به شخص، ڪا به تحريڪ ملڪ کان مٿانهين ناهي، اسان حڪمراني جي خامين کي ڪيستائين پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين. آرمي چيف جو چوڻ هو ته عالمن جو فرض آهي ته خارجين جو اسلام بابت مسخ ٿيل بيانيو رد ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جي تحفظ لاءِ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي هڪ آواز ٿيڻو پوندو، پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙن ۽ سندن سهولتڪارن کي به ناڪام بڻائينداسين، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان کي الله تعاليٰ تي ڀروسو آهي ته ڪجهه به ٿئي، انشاءَ الله ڪامياب ٿينداسين.

About admin

Check Also

پيپلزپارٽي جو ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر پاران ڪئنال ڪڍڻ لاءِ سرٽيفڪيٽ صحيح ڪرڻ جو اعتراف

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار)پيپلزپارٽي ارسا جي اجلاس ۾ سنڌو درياءَِ مان 6 نوان ڪئنال …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *