Monday , March 31 2025
Breaking News

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وفد جون قرض بابت ڳالهين پهريون دور مڪمل

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي عملدارن ۾ ڳالهين جو پهريون دور اسلام آباد ۾ ختم ٿيو ويو،امڪان آهي  ته پاڪستان، آئي ايم ايف کان ڇهن کان اٺن ارب ڊالرن جي پئڪيج  جي گهر ڪندو. خزاني جي وزارت جي آفيس ٿيل ۾ آءِايم ايف، پاڪستان جي خزاني جي عملدارن سان ڳالهيون ڪيون.ذريعن مطابق آءِ ايم ايف سان اڄ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون ٿيون.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان پاليسي سطح جون ڳالهيون سومر تي ٿينديون.جنهن دوران پاڪستان قرض جي ماليت بابت ڪاٿو ڳالهين جي آخر ۾ پيش ڪندو.امڪان آهي ته پاڪستان، آءِ ايم ايف  کان 6 کان 8 ارب ڊالر قرض گهري سگهي ٿو.ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون 20 نومبر تائين جاري رهنديون.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *