Tuesday , April 1 2025
Breaking News

پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ پاران نااهل ڪيل شخص حڪمران پارٽي جو صدر ٿي ويو

PML Nnawaz sharif 1

اسلام آباد( سنڌسماءَچار نيوز) نااهل ٿيل اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف نون ليگ جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو آهي، پارٽي جي چونڊن ۾ سندس خلاف ڪنهن به اميدوار طور نامزدگي جا ڪاغذ به جمع ئي نه ڪريا. سڄي دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ پاناما اسڪينڊل جي ڪيس ۾ پاڪستان جي سڀ کان مٿانهين عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران نااهل قرار ڏنو ويو هو.

فصيل موجب اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف مسلم ليگ ن جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي صدارت لاءِ نواز شريف جي مقابلي ۾ پارٽي جي ڪنهن به ٻي ميمبر طرفان نامزدگي ڪاغذ نه جمع ڪرايا ويا آهن. پارٽي طرفان رٽرننگ آفيسر امير افضل مندوخيل کي مقرر ڪيو ويو هو. ان کان اڳ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ راڻا محمد افضل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا جنهن کي اليڪشن ڪمشنر درست قرار ڏنو هو. نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيڻ کانپوءِ ڇنڊ ڇاڻ جو عمل مڪمل ٿيو جنهن بعد پولنگ ڪئي وئي.

نواز شريف جي صدارت لاءِ چونڊ لاءِ ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيل نون ليگ جي جنرل ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وفاقي گهو وزير احسن اقبال چيو ته ، چونڊ سڌارن جو ترميمي بل ڪنهن هڪ پارٽي کي فائدو پهچائڻ لاءِ نه پر سڀني پارٽين جي فائدي ۾ آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو. هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو به هي قانون ختم ڪرايو هو جيڪو وري ڊڪٽيرن بحال ڪيو. احسن اقبال چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي پارٽي جي روح کي ٻيهر زنده ڪيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ موجوده پيپلز پارٽي ان جي مخالفت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *