پاڻي ماهر ادريس راجپوت سيڊا جو چيئرمين مقرر

ڪراچي ( رپورٽ اصغر آزاد:  سنڌسماءَچار) سنڌ جي نگران وڏي وزير پاڻي ماهر ادريس راجپوت کي سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي،عام انتظامن واري کاتي اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي خدمتن ۽ عام انتظامن واري کاتي پارزن جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، نگران وڏي وزير فضل الرحمان جي منظوري سان محمد ادريس راجپوت کي سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو حڪم فوري طور لاڳو سمجهيو وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران رابطو ڪرڻ تي ادريس راجپوت ٻڌايو ته، کيس سيڊا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن ملي ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ضروري ڪم ڪار مان واندو ٿيڻ بعد سيڊا جي چيئرمين جي چارج هڪ ٻن ڏينهن ۾ وٺندس.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *