Tuesday , April 1 2025
Breaking News

پاڻي کوٽ، فصل تباهه ٿيڻ لڳا، گهوٽڪي ۾ آبادگارن جو احتجاج

گهوٽڪي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تباهي مچائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ فصل سڪي رهيا آهن، بدين، ٺٽو، سجاول جي اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ بيٺل فصل ڪمند، جوئر، ٻاجهر کانسواءِ انبن، ليمن، ڪيلن جي باغن کي به سخت نقصان رسي رهيو آهي.

پاڻي جي کوٽ خلاف گهوٽڪي ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آبادگارن شير محمد گھوٽو، محمد حسن، حاجي صيفل سولنگي،  علي حسن  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سيڊا ڊائريڪٽر جي آفيس اڳيان احتجاج ڪري سخت نعري بازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيندي چيو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض من پسند ماڻهن کي پاڻي وڪرو رهيا آهن، جيڪا سندن زيادتي آهي. هنن چيو ته بگو واهه ۾ پاڻي نه هجڻ سبب فصلن جي پوکائي متاثر ٿي رهي آهي.آبادگارن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته بگو واهه ۾ فوري طور تي پاڻي ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *