Sunday , February 23 2025

پروفيسر اجمل جو قتل رڳو منهنجي ڀاءُ نه پر سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه جو قتل آهي: ڊاڪٽر طارق ساوند

سکر ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، پرفيسر اجمل فرانس مان اسڪالرشپ تي پي ايڇ ڊي ڪري، اُتي وڏيون آفرز ٺڪرائي سنڌ واپس آيو، هن هتي اچي ڪنهن ٻئي اداري ۾ نوڪري ڪرڻ بدران آءِ بي اي سکر ۾ خدمتون سرناجام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته پروفيسر اجمل صوفي منش انسان هو، هُو رڳو منهنجو ڀاءُ ئي نه پر سنڌ جو اثاثو هو، هي منهنجي ڀاءُ جو ئي قتل ناهي پر هي سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه جو قتل آهي، هن مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل جي قاتلن جا پيرا کڻي سمورن جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن کي عوام آڏو وائکو ڪيو وڃي، سمورن ذ۾يوارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سنڌ جي شعور، علم ۽ ساڃاهه سان انصاف ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته پروفيسر اجمل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، 5 شڪي ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *