Monday , March 31 2025
Breaking News

پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪامي، ايس ايس پي ڪشمور بدلي

ڪراچي / ڪشمور ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار)پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل 11 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪشمور پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، ايس ايس پي عرفان سمون کي بدلي ڪري ڇڏيو، شبير سيٺا ايس ايس پي ڪشمور مقرر. ڪشمور ۾ ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار جي بهاني قتل ڪيل آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل 11 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار ٿي ناهن سگهيا، پوليس 11 ڏينمهن گذرڻ باوجود قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، اجملا ساوند جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، ايس ايس پي شبير سيٺار کي ڪشمور جو نئون اسيس ايس پي مقرر ڪري کيس پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. عرفان سمون کي ڪش۾ور مان هٽائي ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *