Friday , February 21 2025

پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرائي نه ئي جان محمد مهر جو مک قاتل گرفتار ڪيو؛ آءِ جي سنڌ جو اعتراف

”هاڻي ڪچي مان پاڻي سڪيو ويو آهي، شهيد جان محمد مهر جو مک قاتل هڪ هفتي اندر گرفتار ڪنداسين، قاتل جي گرفتاري لاءِ مقامي سطح تي به پرائيويٽ ماڻهن ذريعي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار پاڻ پيش ٿئي پر اهي  جو ڪوششون ڪامياب نه ٿيون”: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو انڪشاف ۽ نئون واعدو

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعتراف ڪيو آهي ته صالح پٽ مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پرياڪماري کي بازياب ناهيون ڪري سگهيا نه ئي شهيد صحافي جان محمد مهر جي مک قاتل کي گرفتار نه ڪري سگهڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هاڻي ڪچي مان پاڻي سُڪي ويو آهي، جلد مک قاتل گرفتار ڪنداسين، پرياڪماري جي به ويجهو پهچي ويا آهيون کيس جلد بازياب ڪرائينداسين. سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏين. آءِ جي سنڌ سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صالح پٽ مان اغوا ڪيل ٻارِڙي پريا ڪماري کي تمام گهڻين ڪوششن جي باوجود بازياب ناهيون ڪرائي سگهيا، پريا ڪماري جي بازيابي جي ڪوششن دوران هن وقت تائين هڪ سئو ماڻهن کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا ڪئي آهي، آءِ جي سنڌ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هاڻي سنڌ پوليس پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون جلد خوشخبري ڏينداسين. ان موقعي تي انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته يورپي يونين پريا ڪماري جي اغوا واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، پريا ڪيس ۾ سنڌ پوليس سان رابطي ۾ آهيون، هي واقعو پاڪستان لاءِ شرمندگي جو ڪارڻ آهي. اسان هن معاملي تي يورپي يونين کي مطمئن ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا پئسا خرچ ڪري رهيا آهيون.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واعدو ڪندي دعويٰ  ڪئي آحي ته سينيئر صحافي روزاني ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز سکر جي بيورو چيف شهيد جان محمد مهر جي مُک قاتل هڪ هفتي اندر گرفتار ڪنداسين، انساني حقن بابت سينيٽ ڪميٽي جَي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جَي سينيٽر ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ پونجومل ڀيل شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ وارو معاملو اٿاريندي چيو ته پوليس شهيد جان محمد مهر جو مک قاتل ۽ ٻيا قاتل ۽ سهولتڪار ڇو گرفتار نه ڪري سگهي آهي؟  جنهن تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سينيٽ ڪميٽي آڏو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته پوليس شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ ڪافي جوابدار ڪيا آهن پر مُک قاتل اڃا گرفتار ناهي ٿيو، آءِ جي ڪميٽي آڏو اهو به اعتراف ڪيو ته پوليس ڪوشش ڪئي ته لوڪل پريشر تحت جوابدار کي پيش ڪرائجي پر جوابدار پريشر باوجود پيش نه ٿيو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اهو به چيو ته هاڻي ڪچي ۾ پاڻي به ناهي، ڪو به بهانو ناهي، پوليس قاتل جي ويجهو آهي، هفتي اندر کيس گرفتار ڪيو ويندو.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪراچي مان ٻارن جي اغوائن ۽ ٻارن سان لاڳاپيل ٻين ڪيسن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل سال 2024 دوران ڪراچي مان اغوا جا 266 ڪيس داخل ٿيا، اغوا جي ڪيسن ۾ 239 ٻار بازياب ٿيا، 55  ڪيسن جو لاڳايپل عدالتن ۾ چالان ڪيو ويو. هن چيو ته 55 ڪيسن مان اڃا تائين سال ڪنهن به ڪيس ۾ ڏوهاري کي سزا ناهي ملي سگهي. غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته گذريل ڪراچي اندر40 ٻارڙن کي قتل ڪيو ويو، انهن ۾ ڪجهه اهڙا به ٻار هئا جن کي اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو، قتل جي اهڙن واقعن جا 37 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان22 ڪيسن جا چالان پيش ڪيا ويا 12 ڪيس پينڊنگ ۾ آھن انهن ڪيسن ۾ به گذريل سال ڪنهن جوابدار کي سزا نه ملي سگهي.

اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته گذريل سال ڪراچي ۾ جنسي ڏاڍائي جا 209 ڪيس داخل ٿيا جن ۾ 117 ٻارڙا ۽ 96 ٻاڙيون جنسي ڏاڍائي جي ڪوششن ۾ متاثر ٿيون جنسي ڏاڍائي جا 166 ڪيس چالان ٿيا 22 پينڊنگ ۾ آھن انهن ريپ ڪسين ۾ به گذريل سال رڳو ٻن جوابدارن کي سزا ملي سگهي 164 ڪيس هلندڙ آھن. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ڪچي ۾ ڌاڙيل اسان کي هٿ ملائڻ جي آڇ به ڪندا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ٻارن کي اغوا ناهي ڪيو ويندو، اهي صرف گم ٿي ويندا آهن، ميڊيا جي هائپ  سبب معاشري ۾ خوف ۽ حراس ٿيندو آهي،  ڪميٽي ميمبر سينيٽر ڄام سيف الله خان چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پنوعاقل ۾ ڌاڙيل آيا ۽ ٻارڙي کي اغوا ڪري ويا، پوليس ڪوششن بعد ٻارڙي کي بازياب ڪرايو، جوابدار اڃا تائين آزاد گهمي رهيا آهن، هي ماڻهو وحشي آهن، انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

About admin

Check Also

ضياءَ جي مارشل خلاف ايم آر ڊي جي سرواڻي ڪندڙ غلام مرتضيٰ جتوئي پ پ حڪومت ۾ گرفتار

ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي  مارشل خلاف موومينٽ فار ري-اسٽوريشن آف ڊيموڪريسي / ايم آر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *