

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري کي 4 سال گذرڻ باوجود بازياب ته نه ڪرائي سگهي پر آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو، سينيٽ جڪي گهرو معاملن بابت ڪميٽي آڏو دعويٰ ڪئي آهي ته پريا ڪماري ڌاڙيل راهب شر وٽ آهي، جنهن خانابدوشن کان پريا ڪماري کي خريد ڪيو هو، سينٽ جي ڪميٽي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ اڳ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ نوان پوليس آفيسر شامل ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سينيٽ جي گهرو وزارت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو دعويٰ ڪئي آهي ته چار سال اڳ سکر جي سنگرار واري علائقي مان محرم الحرام دوران سبيل پياريندي اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي ڌاڙيل راهب شر وٽ آهي، سندس بازيابي لاءِ پوليس ڪارروايون ڪندي رهي ٿي. جاويد عالم اوڍو سينيٽ ڪميٽي ۾ ميمبرن پاران ڪيل پڇاڻي دوران چيو ته پريا ڪماري، ڌاڙيل راهب شر جي قيد ۾ هجڻ جا اطلاع مليا آهن، چون ٿا ته راهب شر ڪنهن خانه بدوش کان پئسن تي نينگري خريد ڪئي هئي. هن چيو ته پريا ڪماري جي وارثن جو شروعاتي شڪ سنگرار جي سيدن تي ظاهر ڪيو هو، پر پوليس جي جاچ ۾ انهن وٽان به نينگري نه ملي.
سنڌسماءَچار