”پرڏيهه ۾ منهنجي ڪا به ملڪيت ۽ بئنڪ اڪائونٽ ناهي“: آصف زرداري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ پ جي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته وٽس پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت ناهي. آصف زرداري اين آر او ڪيس ۾ قسم نامو جمع ڪرايو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل قسم نامي ۾ عدالت کي لکي ڏنو آهي ته، وٽس پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ ڪا به ملڪيت نه آهي. آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ۽ هڪ صفحي تي ٻڌل قسم نامي ۾ چيو آهي ته، سندس پرڏيهه ۾ هُو ڪنهن به سڌي يا اڻسڌي طرح ڪنهن به ملڪيت جو مال يا حصيدار به ناهي. پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن به بئنڪ ۾ ڪو به کاتو / اڪائونٽ ناهي ۽ ان قسم نامي جيڪا به ڳالهه ڪئي آهي ان جي اکر اکر تي قائم آهيان.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *