”پرڏيهه ۾ منهنجي ڪا به ملڪيت ۽ بئنڪ اڪائونٽ ناهي“: آصف زرداري
Asghar Azad
August 29, 2018
پاڪستان
1,175 Views

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ پ جي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته وٽس پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت ناهي. آصف زرداري اين آر او ڪيس ۾ قسم نامو جمع ڪرايو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل قسم نامي ۾ عدالت کي لکي ڏنو آهي ته، وٽس پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ ڪا به ملڪيت نه آهي. آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ۽ هڪ صفحي تي ٻڌل قسم نامي ۾ چيو آهي ته، سندس پرڏيهه ۾ هُو ڪنهن به سڌي يا اڻسڌي طرح ڪنهن به ملڪيت جو مال يا حصيدار به ناهي. پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن به بئنڪ ۾ ڪو به کاتو / اڪائونٽ ناهي ۽ ان قسم نامي جيڪا به ڳالهه ڪئي آهي ان جي اکر اکر تي قائم آهيان.