لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته صوبي ۾ حالتون معمول مطابق آهن، عوام ڪنهن به ٻُڌسُڌ تي ڌيان نه ڏئي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عثمان بوزدار چيو آهي ته عوام کي سوشل ميڊيا ۽ ٻڌ سڌ جي ڳالهين تي ڪو به ڌيان نه ڏئي، پنجاب ۾ صورتحال معمول موجب آهي. عثمان بوزدار بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته لاهور شهر جي هڪ علائقي ۾ احتجاج ٿيو هو پر پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪم بهتر نموني سان ڪري رهيا آهن، صورتحال ائين ناهي جيئن ڪجهه ماڻهو سماجي ترابطن جي ويب سائيٽس تي پيش ڪري رهيا آهن.
https://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%be%d8%a7%d8%a8%d9%86%d8%af%d9%8a-%d9%85%da%99%d9%87%d9%8a%d9%84-%d8%aa%d9%86%d8%b8%d9%8a%d9%85-%d9%84%d8%a7%d9%87%d9%88%d8%b1-%da%a9%d9%8a-%d9%8a%d8%b1%d8%ba%d9%85%d8%a7%d9%84-%d8%a8%da%bb%d8%a7/