پهرين آگسٽ کان پيٽرول سستو ٿيڻ جو آسرو

مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ خوشخبري، پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ جو آسرو آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 9 رپين تائين گهٽتائي جي سمري وزيراعظم کي اماڻي وئي آهي جنهن جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ڪنهن به وقت ڏني ويندي.

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ خوشخبري، پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ جو آسرو آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 9 رپين تائين گهٽتائي جي سمري وزيراعظم کي اماڻي وئي آهي جنهن جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ڪنهن به وقت ڏني ويندي. پاڪستان اسٽيٽ آئل جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 9 رپين تائين گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو، جنهن جو نوٽيفڪيشن ايڪٽيهين جولاءِ تي ڪنهن به وقت جاري ڪيو ويندو.

پيٽرولليم شيون سستيون ٿيڻ جي بنيادي ڪارڻ بابت پي ايس او جي ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، پيٽرول ۽ ڊيزل عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ باوجود جولاءِ مهيني ۾ اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو، جيڪو اڃا به جاري آهي، هلندڙ هفتي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اڃا به وڌيڪ سستو ٿيندو، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ سان گڏ عال،مي مارڪيٽ مان تيل گهرائڻ تي پريميم ۾ به گهٽتائي آهي، انڪري هاڻي وفاقي حڪومت عوام کي تيل جي عالمي مارڪيٽ جي مناسبت سان ته نه پر ڪنهن حد تائين عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب عام طور مروج ٽيڪس جي تناسب جي حساب سان پيٽرول جي ايڪس ڊيپو قيمت ۾ في ليٽر 9 رپين تائين گهٽتائي ڪئي ويندي، اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل ساڍا ٽَي رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. مارڪيٽ ۾ هن وقت پيٽرول جي ايڪس ڊيپو اگهه 272 رپيا 15 پئسا في ليٽر آهي.

About admin

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *