Monday , December 30 2024

پهرين مئي تي پيٽرول 20 رپين کان وڌيڪ في لٽر سستو ٿيندو

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت پهرين مئي کان پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ 20 رپين کان وڌيڪ في ليٽر سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌسمءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 20رپين کان وڌيڪ لاٿ ڪندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ٽيهين اپريل تي جاري ٿي ويندو، مليل ڄاڻ مطابق پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ ان تنساب سان ته نه ٿيندي جنهن تنساب سان تيل عالمي مارڪيٽت ۾ سستو ٿيو آهي پر حڪومت ڪجهه سيڪڙُ اگهن ۾ لاٿ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان پيٽرول سان گڏ ڊيزل، گاسليٽ سميت پيٽروليم وارن ٻين شين جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن 30 اپريل تي جاري ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *