Saturday , February 22 2025

پوليس به محفوظ ناهي؛ محرابپور ۾ ڦر مزاحمت تي پوليس اهلڪار مارجي ويو

نوشهرو فيروز ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَچار) محرابپور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان پوليس اهلڪار کي قتل ڪري سندس موٽرسائيڪل ڪاهي ڀڄي ويا. محرابپور جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن پوليس اهلڪار اعجاز کنڊ کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس اهلڪار ڦورن سان مزاحمت ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن سڌي فائرنگ ڪري نوجوان پوليس اهلڪار اعجاز کنڊ کي قتل ڪري ڇڏيو، ڦورو پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ بعد سندس موٽرسائيڪل ڪاهي ڀڄي ويا. علائقي واسين پوليس اهلڪار اعجاز کنڊ جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوليس اچي پوسٽ مارٽم ڪرائي مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، محرابپور، لاکا روڊ، ڪنڊيارو، ڀريا سٽي ۽ ڀريا روڊ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏوهن ۾ تيزي اچي وئي آهي، هونئن به ڦرن ۽ ڌاڙن توڙي چورين جو آزار معمول بڻيل آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ضلعي جي سمورن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز فوري طور تي هٽايا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *