Wednesday , March 12 2025

پوليس تحويل ۾ ورتل گاڏيون پوليس وڪرو ڪرڻ لڳي

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي پاڪ ڪالوني ٿاڻي ۾ ڪيس پراپرٽي طور بيٺل موٽرسائيڪلون وڪرو ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آھي، ڊي آءِ جي، سي آءِ اي امين يوسفزئي کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪ ڪالوني پوليس ۽ اي سي ايل سي پوليس وچ ۾ چار ڏينهن اڳ ڪيس پراپرٽي طور پاڪ ڪالوني ٿاڻي ۾ بيٺل هڪ سئو موٽر سائيڪلون وڪرو ڪرڻ تان جهيڙو ٿيو هو.  اي سي ايل سي پوليس جو چوڻ آھي ته پاڪ ڪالوني پوليس وحيد نالي بروڪر کي هڪ سئو موٽر سائيڪلون 2 لکن ۾ وڪرو ڪيون آهن، بروڪر گاڏيون کڻي رهيو هو ته اي سي ايل سي پوليس ڪارروائي ڪئي.ايس ايڇ او پاڪ ڪالوني اسلم خان جو چوڻ آھي ته گاڏيون وڪرو نه ڪيون ويون آھن، ٿاڻي جي صفائي سبب گاڏيون ٻي هنڌ منتقل ڪيون پئي ويون ته ايس ايس پي اولھه ڊاڪٽر رضوان نوٽيس وٺندي مون کي معطل ڪيو آھي. ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر امير شيخ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سي آءِ اي امين يوسفزئي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آھي.

پاڻي کوٽ بابت راڳ نسورو ڪوڙ تي ٻڌل آهي

About Asghar Azad

Check Also

چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهي رهيو آهي، ڪوٽڙي وٽ شديد کوٽ

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي درجي تائين گهٽجڻ ان سان گڏ سنڌ ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *