پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارن منصوبن جي 5 سالن جي بجيٽ جا تفصيل طلب

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت جوڙيل عدالتي ڪميشن، سنڌ ۾ 5 سالن دوران پيئڻ جي پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارن منصوبن تي 5 سالن دوران خرچيل بجيٽ جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. پاڻيءَ جي منصوبن جا دورا نه ڪرڻ تي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ ۽ چيف انجنيئر کي سڀاڻي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي. واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس امير هاني مسلم پاڻيءَ جي منصوبن جا دورا نه ڪرڻ تي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم چيو آهي ته سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ اهم ترين دوري تي شرڪت کان لنوائي رهيو آهي. واٽر ڪميشن سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کان پاڻيءَ جي اسڪيمن بابت 5 سالن جي بجيٽ جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن. واٽر ڪميشن سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ ۽ چيف انجنيئر کي سڀاڻي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *