سيٺارجا( رپورٽر سنڌسماءَچار) سيٺارجا ۾ شهرين پير وسڻ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ پوليس خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته بنا جواز جي پوليس سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. شهرين شفيق، عامر، ظفر اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين چيو ته پير وسڻ پوليس بيگناهه دڪاندار غلام محمد اعواڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪيو، جنهن کي بعد ۾ پوليس 80 هزار رپيا رشوت وٺي آزاد ڪيو. هنن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي بدران شريف ماڻهن کي بيگناهه گرفتار ڪري رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته واپاري جي گرفتاري واري معاملي جي جاچ ڪرائي پيروسڻ پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
Check Also
”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …
سنڌسماءَچار