پير جو ڳوٺ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

پير جو ڳوٺ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پيرڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ گهرن تي چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڳوٺ آدم خان مري جي رهواسين نياز جاگيراڻي، اعجاز، فقير نور علي، ولي جاگيراڻي ۽ ٻين  ٽنڊومستي _ پيرڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين چيو ته ٽنڊومستي پوليس ناحق گھرن تي چڙهايون ڪري ٻارڙن ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گھرن ۾ پيل سامان کڻي وئي آهي. هنن چيو ته پوليس جي روزانو چڙهائين سبب سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۽ هو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *