اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار)پيپلزپارٽي ارسا جي اجلاس ۾ سنڌو درياءَِ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي سنڌ جي ميمبر پاران صحيح ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شرميلا فاروقي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مان تڪراري بڻيل ڪئنال ڪڍڻ لاءِ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر مٿان بندوق رکي ملڪ ۾ پاڻي جِي موجودگي واري سرٽيفڪيٽ تي زبردستي صحيح ڪرائي وئي. شرميلا فاروقي سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڻي اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جيڪڏهن پاڻي کسيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو مري ويندا. شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته پاڻي ناهي ملندو ته سنڌ اندر اهڙي صورتحال به پيدا ٿي ويندي آهي جو جنازي کي غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي ناهي ملندو. هن چيو سنڌ کي نه حصي جو پاڻي ملي ٿو ۽ نه ئي سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي ٿو، پنجاب زبردستي سنڌ جو پاڻي کنيو ته جهيڙو ٿيندو، تڪراري منصوبن تي سنڌ ۽ بلوچستان جا اعتراض نه ٻڌا ويا ته وفاق ڪمزور ٿيندو.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …