Monday , March 31 2025
Breaking News

پيپلزپارٽي جو صدر آصف زرداري خلاف لکندڙ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

پيپلزپارٽي صدر آصف علي زرداري خلاف سوشل ميڊيا تي لکندڙن خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيسز داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪئنالن واري معاملي تي صدر آصف علي زرداري خلاف سوشل ميڊيا تي لکيو پيو وڃي، تنقيد ڪري تذليل ڪئي پئي وڃي، اسان اهڙن سمورن ماڻهن خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائينداسين جيڪي سوشل ميڊيا تي آصف علي زرداري خلاف لکن يا ڳالهائن ٿا. جميل سومرو

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي صدر آصف علي زرداري خلاف سوشل ميڊيا تي لکندڙن خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيسز داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي جميل سومرو ميڊيا سان ڳالهائيند چيو ته، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ خاموش هئي پر سڀ کان اول پ پ پ ئي آواز اٿاريو هو، ڪئنالن واري معاملي تي صدر آصف علي زرداري خلاف سوشل ميڊيا تي لکيو پيو وڃي، تنقيد ڪري تذليل ڪئي پئي وڃي، اسان اهڙن سمورن ماڻهن خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائينداسين جيڪي سوشل ميڊيا تي آصف علي زرداري خلاف لکن يا ڳالهائن ٿا. هن چيو ته آصف علي زردااري خلاف اسان هڪ لفظ به برداشت نه ڪنداسين.

ياد هجي ته، گذريل سال صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ هڪ اجلاس دوران گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام جي منظوري ڏني هئ. صدر آصف علي زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن منصوبن تي تڪڙي عملدرآمد جون به هدايتون جاري ڪيون هيون، صدر آصف زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ پاڻي جي منصوبي جنهن ۾ سنڌو درياءَ مان6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ ۾ زمينون ليز تي ڏيڻ جون پڻ هدايتون ڏئي چڪو آهي. وفاقي حڪومت ۽ صدر آصف علي زرداري جي اهڙي عمل کانپوءِ سوشل ميڊيا ذريعي ڪئنالن توڙي سنڌ جي سرڪاري زمينن جي نيلامي/ليز تي ڏيڻ خلاف مهم شروع ٿي وئي هئي، جيڪا هن وقت عروج تي پهچي وئي آهي، سنڌ جون سموريون سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمون، شاگرد، وڪيل، سماج سڌارڪ، صحافي، ليکاري، شاعر ۽ اديبن سميت زندگيءَ جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو روزانو جي بيناد تي سنڌ ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا هڻي رهيا آهن. سوشل ميڊيا جي مختلف سائيٽس فيس بڪ، ٽويٽر/ايڪس واٽس ايپ، ريلس سميت ٻين سائيٽس تي، سياسي سماجي تنظيمن، مختلف آرگنائيزيشنز ۽ پاڻ هرتو ڀرپور مهم هلائي رهيا آهن. ان دوران پاڪستان پيپلزپارٽي، سنڌ حڪومت جا سمورا وزير مشير، ايم پي ايز، سينيٽرز ۽ ايم اين ايز پهريان اها دعويٰ ڪندا رهيا ته سنڌو درياءَ مان اهڙو ڪئنالن ڪڍڻ جو ڪو به منصوبو آهي ئي نه پر عوامي ردعمل بعد هاڻي اهو قبول ڪري ورتو آهي ته ڪئنالن جو منصوبو موجود آهي.

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *