Monday , March 31 2025
Breaking News

پيپلزپارٽي جو پهريان ڪئنال منصوبي کان انڪار، هاڻي ڪئنالن خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي( چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج جو اعوان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ، منصوبي جي منظوري ڏيندڙ صدر آصف علي زرداري جي وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعت ۽ سنڌ ۾ 18 ورهين کان حڪومت  ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي نيٺ ڪئنالن جي منصوبي ۽ ان تي ڪم ٿيڻ جو اعتراف ڪندي انهن خلاف 25 مارچ تي سموري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي ۽ ڪئنال جو ڪم روڪرائڻ لاءِ پ پ پ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪئنالن واري منصوبي خلاف 25هين مارچ اڱاري ڏينهن سموري سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *