راڻا ثناءُ الله ۽ شرجيل ميمڻ وچ ۾ فون تي ٻه ڀيرا رابطا ضرور ٿيا آهن پر ڪئنالن واري معاملي تي رسمي قسم جي ڳالهين کان وڌيڪ ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ان جي باوجود ميڊيا ۾ ”ڪئنالن واري معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ / وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڳالهين دوران اهم اڳڀرائي “ وارو تاثر ڏيڻ حقيقت ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڪئنال مخالف تحريڪ ۽ ڌرڻن تان ڌيان هٽرائڻ لاءِ ئي آهي“: ذريعا
ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ٻٻرلوءِ ۾ ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻي سبب پاڪستان پيپلزپارٽي پاران 25 اپريل تي سکر ۾ اعلانيل جلسو خطري ۾ پئجي ويو آهي، جلسي ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي نَنهه چوٽي جو زور لڳائڻ لڳي آهي. ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله ۽ شرجيل ميمڻ وارا رابطا به ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ ڌرڻي تان ڌيان هٽائڻ آهي. پيپلزپارٽي پاران حيدرآباد کانپوءِ 25هين اپريل تي سکر ۾ اعلانيل جلسو خطري ۾ پئجي ويو آهي، ٻٻرلوءِ سميت سموري سنڌ ۾ مک شاهراهن، لنڪ روڊن ۽ مختلف علائقن جي نوي سيڪڙو کان وڌيڪ ننڍن وڏن رستن تي به ڌرڻا لڳل آهن. ڪراچي بار ايسوسيئيشن سميت سنڌ جي سمورن ضلعي بارز پاران ٻٻرلوءِ واري ڌرڻي سبب هيوي ٽريفڪ مڪمل طور بند آهي، جيڪي به گاڏيون جنهن به رستي سان وڃن ٿيون ته علائقي واسي پاڻمرادو رستا بند ڪري گاڏين جي اچ وڃ روڪي ڇڏين ٿا.
سنڌو درياءَ مان نوان ڪئئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جاري ڌرڻن جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي سکر ۾25 اپريل تي جلسو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي چئو واٽي تي آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي سنڌ جي قيادت ماڻهن جي شرڪت نه هئڻ جي برابر ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪري رهي آهي، انڪري ڪجهه اڳواڻن جي راءِ آهي ته جلسو ملتوي ڪيو وڃي پر اڪثريتي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جلسو ٿيڻ گهرجي. جلسو نه ڪرڻ وارن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڌرڻن سبب جلسي ۾ ماڻهن جي رڪت نه ٿي سگهندي انڪري سياسي طور جلسي جي ناڪامي جو تاثر ويندو جيڪو پيپلزپارٽي ۽ اسٽبلشمينٽ وٽ خراب تاثر ڇڏيندو، جڏهن ته جلسي جي حامين جو چوڻ آهي ته، پارٽي اڳواڻ ڪارڪنن کي جلسي ۾ پهچائڻ لاءِ ننڍين گاڏين يعني ڪارڪارن / ڪارس يا پڪ اپ گاڏين جو بندوبست ڪري ڏنو وڃي.
ذريعن جي دعويٰ آهي ته، سنڌ ۾ سخت احتجاج ۽ عوامي ردعمل کانپوءِ چئن ڏينهن دووران ٻٻرلورءِ ڌرڻي سميت سموري سنڌ ۾ لڳل ڌرڻن کانپوءِ ڪئنالن واري معاملي تي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي بيڪ ڊور ڳالهين ذريعي ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ بهانا ڳولهي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ ن ليگ راڻا ثناءُ الله (جيڪو وفاقي وزير نه پر وزيراعظم جو خاص صلاحڪار ۽ مملڪتي وزيرآهي، جنهن کي اڪثر سياسي ماڻهو غيرسنيجده شخص قرار ڏينديون آهن) ۽ پيپلزپارٽي پاران سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ (جيڪو وري سنڌ جي عوام ۾ سڀ کان وڌيڪ نه رڳو تڪراري پر عوامي سطح تي اڻ وڻندڙ وزير ليکيو وڃي ٿو)، کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق راڻا ثناءُ الله ۽ شرجيل ميمڻ وچ ۾ فون تي ٻه ڀيرا رابطا ضرور ٿيا آهن پر ڪئنالن واري معاملي تي رسمي قسم جي ڳالهين کان وڌيڪ ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ان جي باوجود ميڊيا ۾ ”ڪئنالن واري معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ / وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڳالهين دوران اهم اڳڀرائي “ وارو تاثر ڏيڻ حقيقت ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڪئنال مخالف تحريڪ ۽ ڌرڻن تان ڌيان هٽرائڻ لاءِ ئي آهي“، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران ڪئنالن واري معاملي تي ڪنهن وفاقي وزير کان ڪو وچ ٿرو اعلان ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت وڪيلن کي ٻٻرلوءِ کانسواءِ ٻيا ڌرڻا ختم ڪرائڻ خاطر وڪيلن سان ڳالهيون به ڪري سگهي ٿي.