پيپلزپارٽي جي سِي اِي سِي جو اجلاس، صدر آصف زرداري جي موجودگي ڪئنالن جي مخالفت!

اسلام آباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جِي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس، صدر آصف زرداري موجودگيءَ ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو سنڌ ۾ باهه ڀڙڪائڻ جي سازش قرار ڏيندي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار،معاملو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي اِي سي) ۾ کڻي وڃڻ جو مطالبو. اسلام آباد جي زرداري هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ آصف زرداري جي موجودگيءَ ۾ پ پ جي، سي اِي سي جي اجلاس ۾ سنڌ سان لاڳاپيل ميمبرن سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي سنڌ دشمن قرار ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي ميمبرن چيو ته سنڌو مان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ تي پيپلزپارٽي کي سخت اعتراض آهي. پ پ اڳواڻن چيو ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو اجلاس يارنهن مهينا گذرڻ باوجود سي اِي سي جو اجلاس ناهي سڏايو ويو، انڪري سي اي سي جو اجلاس فوري طور سڏائي ڪئنالن جو معاملوان ۾ پيش ڪيو وڃي. ذريعن موجب اجلاس ۾ پ پ جي ميمبرن اهو به چيو ته ڪئنالن وارو منصوبو شروع ڪرڻ سنڌ ۾ باهه ٻارڻ جي سازش آهي.

About admin

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *