Friday , February 21 2025

پيپلزپارٽي پاران بنگالين، برمين ۽ بهارين کي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو

سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل بنگالين، برمين ۽ بهارين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي: پاڪستان پيلپزپارٽي

 

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل بنگالين، برمين ۽ بهارين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ن ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ به حمايت ڪري ڇڏي. سومر ڏينهن 17فيبروريءَ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ملير مان پيپلزپارٽي جي چونڊيل ايم اين اي آغا رفيع الله مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترسيل بنگالين، برمين ۽ بهارين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن. آغا رفيع الله چيو ته بنگالين، برمين ۽ بهارين جي پاڪستاني شهريت جو اهم مسئلو آهي، اهي گذريل 70 سال کان پاڪستان ۾ رهن ٿا، انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن.

پيپلزپارٽي جي بنگالين، برمين ۽ بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري مطالبي جي ايم ڪيو ايم ب ڀرپور حمايت ڪئي، ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي خواجا اظهار الحسن قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته بنگالين، برمين ۽ بهارين جو جيڪو ٽيون نسل رهي ٿو انهن کي شهريت ڏني وڃي، انهن کي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا وڃن.

جمعيت عملاءِ اسلام به پيپلززپارٽي جي مطالبي جي حمايت ڪئي، جي يوي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي مولانا عبدالغفور حيدري ڇيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ بنگالي، برمي ۽ بهاري تڪليفن ۾ آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سمورن بنگالين، بهارين ۽ برمين کي شهريت ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن.

About admin

Check Also

جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو پيادل مارچ سجاول پهچي ويو

جسقم آريسر جو 28 جنوريءَ تي سکر مان سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف جيئي سنڌ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *