Saturday , March 15 2025

پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پاور شيئر نه ملڻ تان حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پاورشيئرنگ نه ملڻ تي اتحاد ختم ڪرڻ ۽ ڳالهين واريون ڪميٽيون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم سان ڳالهين جا اختيار آصف زرداري حوالي ڪري ڇڏيا. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدار هيٺ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ سينٽرل ايگزيڪويٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾، پ پ پنجاب جي ميمبرن ن ليگ سان اتحاد باوجود کين اقتدار ۾ حصيداري نه ڏيڻ، قانون سازي سميت ٻين حڪومتي فيصلن صلاح مشورا نه ڪرڻ تي سخت موقف اختياري ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سي اي سي پنجاب جي ميمربن جو چوڻ هو ته اتحادي هجڻ باوجود کين ڪنهن به قسم جي موٽ نه ٿي ملي، ايتري تائين جو ڪنهن به قانون سازي ۾ به صلاح مشورو نه ٿا ڪن، اهڙي صورتحال ۾ هُو عوام کي ڇا  ڏئي سگهندا، سڀاڻي ووٽ ڪيئن وگهري سگهندا، اهڙي اتحادي حڪومت ۾ هجڻ کان بهتر آهي ته اتحاد ختم ڪري ڇڏجي. مليل ڄاڻ موجب پ پ پنجاب ۾ ن ليگ ۽ صوبائي حڪومت سان ڳالهين بابت جوڙيل ڪميٽيون ٽوڙي ڇڏيون آهن، هاڻي ن ليگ سان ڳالهين جا سمورا اختيار صدر آصف زردااري جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، هو ان معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سان پاڻ ڳالهائيندو.

About admin

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *