Monday , March 31 2025
Breaking News

پيپلزپارٽي کي 27ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ملي

حڪومت جلسو روڪڻ  لاءِ ڪريل حرڪتون ڪري رهي آهي: بلاول جو ترجمان

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ۽ پنجاب حڪومت پيپلز پارٽي کي لياقت باغ راولپنڊي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ورسي ملهائڻ جي اجازت نه ڏني، بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مطصفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته، حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي وارو جلسو روڪڻ لاءِ ڪريل حرڪتون ڪري رهي آهي، اسان هر حال ۾ جلسو ڪنداسين، پنهنجي بيان ۾ مطصفيٰ نواز کوکر چيو ته، فاشسٽ حڪومت اسان کي پنهنجن شهيدن جي ورسي ملهائڻ نه ٿي ڏئي، سليڪٽيڊ حڪومت عوامي سياست کان ڊنل آهي. هن چيو ته حڪومت هر اهو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو سليڪٽيڊ حڪومت خلاف آواز اڀري رهيو آهي. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ورسي تقريب لياقت باغ ۾ منعقد ڪرائڻ لاءِ هر قانوني رستو اختيار ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *