ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي خلاف نيب ڪرپشن ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، لياقت جتوئي گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان 19 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، هاءِ ڪورٽ لياقت جتوئي کي هدايت ڪئي آهي ته وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي جي عارضي ضمانت منظور ڪندي نيب کي 12 جون تائين ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران لياقت جتوئي جي عبوري ضمانت منظور ڪئي. عدالت لياقت جتوئي کي 12 لکن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. درخواست ۾ لياقت جتوئي موقف اختيار ڪيو ته وفاقي وزير جي حيثيت ۾ هن ڪا به بدعنواني نه ڪئي هئي. درخواست ۾ چيو ويو ته نيب کيس بدنيتي جي بنياد تي حراسان ڪري رهي آهي، ان ڪري نيب کي روڪيو وڃي. عدالت لياقت جتوئي جي عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي 12 جون تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …