ڪراچي( رپورٽ سنڌسماءَچار) اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين کي في الحال گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سندس گرفتاري جي ذميواري نگران حڪومت حوالي ٿيندي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي 9 مئي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سميت فيصلا ساز ادارن پاران پي ٽي آءِ چيئرمين، وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، اسد عمر سميت ٻين اڳواڻن کي ايندڙ عام اليڪشن کان ٻاهر رکڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، موجوده اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار نه ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ اسٽبلشمينٽ سميت لاڳاپيل ڌرين کي به راضي ڪيو ويو آهي، اتحادي حڪومت چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سان مٿن سياسي انتقامي ڪارروائي جو الزام لڳندو انڪري سياسي طور پاڻ کي اهڙي الزام کان بچڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جي مختلف وقتن تي ٿيل ملاقاتن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنهنجي حڪومت دوران گرفتار نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو، ذريعن جي دعويٰ آهي ته اسٽبلشمينٽ کي راضي ڪرڻ جي ذميواري اڳوڻي صدر آصف زرداري حوالي ڪئي هئي، جنهن گذريل هفتي اسٽبلشمينٽ به راضي ڪري ورتو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري لاءِ حتمي طور طئي ڪيو ويو آهي ته اها ذميواري نگران حڪومت دوران عمل ايندي.
Check Also
ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان
ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …