Wednesday , January 22 2025

پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد جي سزا، 5 سالن لاءِ نااهل قرار

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌ سماچار) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي توشاخانا ڪيس ۾ 3 سال قيد، 5 سالن لاءِ  نااهل قرار، هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت فيصلو پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا ڪيس جي  پيروي نه ڪرڻ ۽ جوابدار جي پيش نه ٿيڻ تي فيصلو ڪيو ويو. اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ جي جج همايون دلاور، توشاخانا ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي کيس 3 سال قيد ۽ 5 سالن لاءِ  هر قسم جي عوامي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ جي جج همايون دلاور جي  توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، اڄوڪي ٻڌڻي دوران عدالت ڪيترائي ڀيرا جوابدار ۽ سندس وڪيل کي ڪيترائي ڀيرا سڏ ڪرايو، پي ٽي آءِ چيئرمين يا سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن کانپوءِ عدالت جي جج همايون دلاور توشا خانا ڪيس جو فيصلو ٻڌائندي پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان کي سزا ۽ ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي آءِ جي اسلام آباد کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *