سکر ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير رهندڙ، پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه محرم الحرام دوران نياز پچائڻ لاء گهرايل بورچي ۽ زندس مزدورن سندن پورهئي جا پئسا نه ڏنا، پورهيت جو وڊيو بيان به منظر تي اچي ويو. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه گذريل يارهين محرم الحرام تي پنهنجي نارا فارم تي نياز پچائڻ لاءِ گهرايل بورچي / راڌي امان الله منگيءَ کي 13 ڏينهن ڏينهن (10 آگسٽ تائين) گذرڻ باوجود مزدوريءَ جي رقم ادا ناهي ڪئي.
امان الله منگيءَ هڪ وڊيو بيان جيڪو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي ويو آهي، ان ۾ چيو آهي ته، ”سيد خورشيد احمد شاهه يارهين محرم الحرام تي نياز پچائڻ لاءِ پنهنجي نارا فارم تي گهرايو، جتي هن مسلسل 48 ڪلاڪن تائين سخت گرميءَ ۾ نياز جون ديڳيون پچايون، هن سان گڏ نياز پچائڻ وارا مزدور به هئا. امان الله منگي جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه کان مزدوريءَ جا پئسا وٺڻ لاءِ چار ڀيرا سندس بنگلي تي چڪر ڪاٽيا آهن پرسندس ڪمدار ۽ منشي چيو ته شاهه صاحب پنهنجي مرضيءَ سان پئسا ڏيندو آهي، جڏهن ان جي مرضي ٿي ته پئسا ڏيندو. راڌي امان الله منگيءَ، سيد خورشيد شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته سندس مزدوري جا پئسا ڏي جيئن پنهنجي گهر جو خرچ پکو ڪري سگهي.”
پنجاب جو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڻي بند ڪرڻ کان کتو جواب