پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي ڌيءُ ناديا کهڙو کان ووٽرز جو پڇاڻو

لاڙڪاڻو ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي ڌيءِ ۽ پي ايس 11 تي اميدوار ندا کهڙو کي چونڊ مهم دوران ووٽرز روڪي کيس سخت پڇاڻو ڪيو آهي، ن کپي پ پ نه کپي جا نعرا هنيا ويا آهن. گجڻ پور واري علائقي جي ڪوثر مل پاڙي ۾ چونڊ مهم دوران ووٽرز پ پ اميدوار ندا کهڙو کان سخت پچاڻو ڪندي چيو ته پ پ 10سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود عليئقي ۾ ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا.هنن چيو ته توهان جو والد اقتدار ۾ رهڻ باوجود نه ئي ترقياتي ڪم ڪرايا نه ئي ڪڏهن اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ آيو. احتجاج نه کپي پ پ نه کپي جا نعرا هڻندي ندا کهڙو جي اڳيان داهيندا رهيا. ووٽرز جي سوالن پڇڻ کانپوءِ بنا ڪو جواب ڏيندي پ پ اميدوار ندا کهڙو واپس رواني ٿي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *