لاڙڪاڻو ( رپوٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر ۽ اڳوڻو سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو 2018 جي عام چونڊن مان آئوٽ ٿي ويو آهي. پي ايس 11 تي پ پ پ سندس ڌيءُ ندا کهڙو کي نامزد ڪندي کيس ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پ پ پ پاران لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 لاڙڪاڻو سٽي واري تڪ تي نثار کهڙُ جي نياڻي ندا کهڙو کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ندا کهڙو جمعي واري ڏينهن لاڙڪاڻي جي رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي پاران جاري ڪيل ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو 20018 جي اليڪشن جي ڊوڙ مان آئوٽ ٿي چڪو آهي. اليڪشن ٽربيونل نثار کهڙو جو نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو هو. سندس مخالف معظم عباسي اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته، هن پنهنجي ٽئين شادي، هڪ نياڻي ۽ 166 ايڪڙ زرعي زمين نامزدگي فارمن ۾ ظاهر نه ڪئي آهي. اهڙي اعتراض تي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي اليڪشن ٽربيونل نثار کهڙي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …