ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس بند پيل آهن، پيئڻ جو پاڻي به ناهي: اڳوڻو وڏو وزير ارباب رحيم

ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس بند پيل آهن، سنڌ ۾ ننڍن ڊيمن جو منصوبو به اسان شروع ڪيو هو: ارباب رحيم

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته، پيپلز پارٽي وارا ٿر ۾ جن آر او پلانٽس جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اُهي سمورا بند پيل آهن. جي ڊي اي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته، ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي، روڊن جو ڄار ۽ سنڌ ۾ ننڍن ڊيمز جو منصوبو منهنجي وڏ وزارت وارن ڏينهن ۾ شروع ٿيو. پيپلز پارٽي ٿر سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ منهنجي شروع ڪيل منصوبن تي پنهنجي نالن جون تختيون هڻي رهيا آهن. هن چيو ته ٿر ۾ جن آر او پلاٽنس جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو انهن جو منصوبو به اسان جي حڪومت دوران شروع ٿيو هو. سنڌ ۾ ننڍا ڊيمز قائم ڪرڻ جو منصبو مون شروع ڪيو هو ان وقت پيپلز پارٽي وارا انهن جي سخت مخالفت ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي ان جو ڪريڊٽ کڻي رهيا آهن.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *