اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٽن نسلن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، عدليه سان اسان جو پراڻو واسطو آهي، پاڻ پنهنجي ماءَ جي ڪيس ۾ ڌُر بڻجندس ، 18 آڪٽوبر جيان 27 ڊسمبر تي ڪرائيم سين ڌوتو ويو، ماتحت عدالت مشرف سوڌو دهشتگردن کي بري ڪري ڇڏيو، اميد آهي ته بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مون کي انصاف ملندو. پ پ چيئرمين سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن دوران بينظير ڀٽو جي حياتي کي خطرو هو پر ان باوجود کيس سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي. هن چيو ته 18 آڪٽوبر جيان 27 ڊسمبر تي ڪرائيم سين ڌوتو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته واردات وارو هنڌ ڌوئڻ واري معاملي تي اعتراض اٿاريو ويو، ٻئي طرف پرويز مشرف تي حملو ٿيو ته ان هنڌ کي ڪيترائي ڏينهن محفوظ رکيو ويو. سپريم ڪورٽ جا سمورا ججز احترام لائق آهن، ڪيس ۾ ٻڌايو ويو ته پرويز مشرف بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي ۽ هو ڀڄي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڪيس جي مان پاڻ پيروي ڪندس ۽ ڌُر بڻجي ڪيس سهي رخ ۾ هلڻ ڏسڻ گهران ٿو.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …