Saturday , February 22 2025

ڄامشورو ڀرسان ڳڙهي خيرو واسي نوجوان جو لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر سنڌسماءَچار)  ڄامشوري ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڳڙهي خيرو واسي نوجوان طور ٿي آهي. پوليس واقعي کي سڱاوتي تڪرار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڄامشوري جي ڳوٺ يوسف کوسو مان نوجوان جو گوليون لڳل ۽ تشدد ٿيل لاش مليو آهي، جنهن جي سڃاڻپ خان ڏاهاڻي طور ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول ڳڙهي خيرو جو رهواسي آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻٻ آهي ته نوجوان ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد حيدر آباد اچي رهائش اختيار ڪئي هئي. سندس گهر واري جو ڪو به ڏس پتو ناهي يپيو. وارثن شڪ ڏيکاريو آي ته خان ڏاهاڻي جي گهر واري جي وارثن کيس قتل ڪري سندس زال کي اغوا ڪري ويا آحن. واقعي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿو. نوجوان جو مڙهه ڳڙهي خيرو ڀرسان اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *