Thursday , April 10 2025

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، مسٽر جسٽس گلزار احمد صاحب ڏانهن-اصغر آزاد

جنابِ اعليٰ ! چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، مسٽر جسٽس گلزر احمد صاحب

اوهان کي مختصر عرض آهي ته، اڄڪلهه ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ قبضن بابت اوهان جا قدم، فيصلا ۽ هدايتون عوام ۾ مقبول آحن، ڪجهه عام ماڻهن کي هلڪيون ڦ:ڪيون شڪايتون ضرور هونديون پر اهي شڪايتون ختم ڪرڻ جهڙيون آهن، جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت انهن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري. آءُ اوهان کي نماڻي گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته، اوهان سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج رهيا آهيو، هاڻي ملڪ جا چيف جسٽس آهيو. ڪراچي شهر کان چڱيءَ طرح واقف آهيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڀر سان اتر ۽ ڏکڻ – اوڀر وارن روڊن يعني ضياءُ الدين روڊ ۽ آرٽس ڪائونسل چورنگ وٽ سنڌ جون 2 عمارتون آهن، مان مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهو آهيان، سو هڪڙي عمارت جو نالو لکان ٿو اها آهي هندو جيم خاني جي عمارت جنهن تي هڪڙي پاسي ناپا ته ٻئي پاسي علي ڳڙهه ايسوسيئيشن وارن ڏنڊو مُڇي قبضو ڪيو آهي، ٻي جو اوهان کي به چڱيءَ طرح اچي ٿو ۽ خبر به آهي

سو عرض  اهو آهي ته انهن عمارتن کي اصل ڌڻين جي حوالي ڪرائي ڏيندا ته اوهان جي آل اقبال جو دائمه دعاڳو رهنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد بشير خان قريشي جي13هين ورسي، جسقم پاران اهم اعلان جو امڪان

رتوديرو / ڪراچي ( خاص نمائندو / آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ جي ” وڏي “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *