ڇاڇرو (رپورٽ: فتح سومرو سنڌسماءَچار) ڇاڇرو ۽ ڏاهلي سميت ٿر جي مختلف علائقن ۾ زميندارن پاران هارين ۽ زرعي مزدورن تي ظلم ۽ ڏاڍاين خلاف سنڌ هاري ڪميٽي جي سڏ تي ڇاڇري ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو آهي ته بااثر زميندار هارين خاص طور تي زرعي مزدورن کان پورهيو ڪرائي کين اُجورو ڏيڻ بدران ان کي ونگار يا بيگر قرار ڏئي هٿين خالي واپس ڪري ڇڏين ٿا، هاڻي اهو ظلم برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڇري، سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪامريڊ ڏامرومل، ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏاهلي ۽ ڀرپاسي جي هارين ۽ زرعي مزدورن ڇاڇري شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهري کي خطابي ڪندي هاري اڳواڻن چيو ته، تَر جا بااثر زميندار ۽ جاگيردار هارين ۽ زرعي مزدورن خلاف ظلم ڪري رهيا آهن جنهن جو شڪايتن باوجود ڪير به تدارڪ ڪرڻ وارو ناهي، زميندار هارين ۽ مزدورن کان بيگر وٺي رهيا آهن ۽ هارين جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، هنن چيو ته هاڻي زميندارن جي ظلم خلاف احتجاجي تحريڪ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هارين کي سندن فصلن جو به پورو حساب نه ٿو ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته هارين ۽ زرعي مزدورن کان ونگار جي نالي تي بيگر وٺڻ بند ڪري زرعي مزدورن کي اجورو ادا ڪري هارين کان بيگر وٺڻ بند ڪئي وڃي، هنن اهو به مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي سنڌ ۾ ٽيننسي ايڪٽ لاڳو ڪري ان تي عمل ڪرايو وڃي، ان سلسسلي ۾ سنڌ حڪومت قدم کڻي انصاف ڏياري.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …