Wednesday , April 23 2025

ڊان ليڪس ۾ مريم نواز ملوث هئي،آصف زرداري جي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ بابت بينظير ڀٽو کي خبر هئي:مشرف

ڪراچي(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر (ر) جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ڊان ليڪس ۾ مريم نواز ۽ تڏهوڪو سڌسماءَ وارو وزير پرويز رشيد ملوث هئا؛ بينظير ڀٽو کي خبر هئي ته آصف زرداري ڪرپشن ۾ ملوث آهي ۽ ڪرپشن ڪري پيو. پرويز مشرف هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽريو ڏيندي چيو آهي ته، حڪمراني ڪرڻ بابت عمران خان کي گُر سکڻا پوندا، منهنجي کيس صالح آحي ته هُو گورننس جي باري ۾ سکي. عمران خان پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو اُهو ڪو ٻيو سياستدان نه ٿو چاهي، پي ٽي آءِ سربراه هڪ ايماندار ماڻهو آهي.

پرويز مشرف پنهنجي انٽرويو دوران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڇيو ته، ڪير مڃي يا نه مڃي پر، بينظير ڀٽو کي اها خبر هئي ته آصف زرداري ڪرپشن ڪري ٿو ۽ ان ۾ سڌي ۽ اڻسڌي طرح ملوث آهي. هن چيو ته نيشنل ريڪنسيليئيشن آرڊيننس/ اين آرو ڪيترن ئي ڊائلاگس جي ويهڪن کانپوءِ طئه ٿيو. جنرل رٽائرڊ راحيل شريف اين آر او جي لاءِ ٿيل ڳالهين جي سمورن ويهڪن سميت سمورن معاملن ۾ گڏ هو، اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ملاقاتن يا ڳالهين دوران هُو ذاتي طور تي موجود نه هجي پر کيس هر مرحلي کان مڪمل طور باخبر هو.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *