Wednesday , January 22 2025

ڊاڪيارڊ حملو ڪيس:نيوي جي پنج اڳوڻن آفيسرن خلاف موت واري سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ تي حملي ۾ ملوث اڳوڻن نيوي جي پنج اڳوڻن آفيسرن جي موت واري سزا تي عملدرآمد روڪڻ واري حڪم ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق جسٽس بابر ستار، پاڪ نيوي جَي اڳوڻن پنج آفيسرز کي ڪورٽ مارشل ذريعي مليل موت واري سزا ٻڌايل نيوي آفيسرن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران پاڪستان نيوي طرفان رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ پاڪستان نيوي چيو آهي ته ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شيئر نه ٿي ڪري سگهجي. ان تي جسٽس بابر ستار پاڪستان نيوي جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان چاهيو ٿا ته مان فيصلو ڪريان؟ جنهن تي پاڪستان نيوي جي نمائندي، لاڳاپيل اختيارين کان هدايتون وٺڻ لاءِ عدالت کان وقت گهريو.

جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان دليل نه پيا ڏيون ته موت جي سزا ڇو ڏني وئي؟ موت جي سزا جي وضاحت ڇو ڏني وئي اها ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي، منهنجي سامهون اهو ئي سوال آهي ته موت جي سزا ڇو ڏني وئي؟ ان جا سبب ٻڌايا وڃن. عدالت بعد ۾ هدايتون وٺڻ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد هجي ته؛ پاڪستان نيوي جي اڳوڻي آفيسرن ارسلان نذير ستي، محمد حماد، محمد طاهر رشيد، حماد احمد خان ۽ عرفان الله ڪورٽ مارشل ۾ موت جي سزا خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جنرل ڪورٽ مارشل ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي پر ڪو به وڪيل فراهم نه ڪيو ويو، جوابدارن کان ثبوت ۽ ڪورٽ آف انڪوائري جا دستاويز به شيئر نه ڪيا ويا، موت جي سزا خلاف اپيل داخل نه ڪئي وئي. انهن دستاويزن کي رد ڪيو ويو. ياد رهي ته4جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي نيوي ڊاڪيارڊ حملي ۾ ملوث هجڻ تي ڪورٽ مارشل ڪيل نيوي جي5اڳوڻي آفيسرن جي موت واري سزا تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل موجب موت جي سزا خلاف اپيل دستاويزن تائين رسائي کانسواءِ داخل ڪئي وئي، جنهن کي رد ڪيو ويو پر اسسٽنٽ اٽارني جنرل موجب وڪيلن کي دستاويزن تائين محدود رسائي ڏني وئي دستاويزن تائين رسائي چيف آف نيول اسٽاف وٽ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته چيف آف نيول اسٽاف سمجهي ٿو ته دستاويزن تائين رسائي سان رياست جي مفادن کي خطرو ٿي سگهي ٿو، سوال اهو آهي ته رياست جي مفاد ۾ هڪ شهري جي زندگي جو توازن ڪيئن قائم ڪيو وڃي. آئين جو آرٽيڪل9۽10اَي شهرين کي جيئڻ جو حق ۽ فيئر ٽرائل جو حق فراهم ڪري ٿو، زندگي جي حق جي سوال کي نظر ۾ رکندي فيئر ٽرائل، درخواست جي ٻڌڻي ٿيڻ تائين جوابدار کي ڦاهي نه ڏني وڃي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌريون دليلن سان گڏ نيول چيف آف نيول اسٽاف جو موقف عدالت ۾ پيش ڪن، ٻڌايو وڃي ته پاڪ بحريه جي سربراهه تائين دستاويزن جي پهچ رياست جي مفادن خلاف ڇو ٿي لڳي. چيف آف نيول اسٽاف جو موقف ٽن هفتن اندر سيل بند لفافي ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ 2024ع تي مقرر ڪئي وڃي.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *