ڊاڪٽرشاهد مسعود پاران زينب ڪيس جي جوابدار بابت پنهنجي انڪشافن تي ندامت جو اظهار

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قصور جي نياڻي زينب جي اغوا بعد ڏاڍائي ڪري قتل ڪندڙ جوابدار عمران بابت نجي ٽي وي جي اينڪر ڊاڪٽر شاهد مسعود سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ معافي وٺڻ کانسواءِ پنهنجي پروگرامن ۾ لڳايل الزامن کي ثابت نه ڪري سگهڻ تي آئينده محتاط رهڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڊاڪٽر شاهد مسعود سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو لکت ۾ بيان بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ پنهنجي موقف تي ندامت ظاهر ڪندي چيو آهي ته، جاچ ڪميٽي جي ميمبر کي مقرر ڪرڻ لاءِ انهن جي چونڊ به عدالت ئي ڪئي هئي ۽ الزامن جي سچائي جاچڻ ۽ پرکڻ جو اختيار به عدالت ئي ان ڪميٽي کي ڏنو هو، انڪري جاچ ڪميٽي جي رپورٽ بابت ڪجهه به نه چوندس. رپورٽ ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو آهي ان کان انڪاري ناهيان ۽ ڪميٽي جي رپوڳرٽ بعد وڌيڪ ڪو جواب ڏئي ڪيس وڌيڪ وڙهڻ/ڪيس جي پيروي به ڪرڻ نه ٿو چاهيان.

ڊاڪٽر شاهد مسعود پاران عدالت ۾ لکت ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ چيو آهيي ته، هو يقين ڏياري ٿو ته مستقبل ۾ هو اهڙي قسم جو ڪو به بيان نه ڏيندو، اصل ۾ مان قصور واقعي تي هڪ صحافي ۽ اينڪر جي حيثيت ۾ حد کان وڌيڪ جذباتي ٿي ويو هيس. شاهد مسعود جو چو ڻ آهي ته، مريم ڪيس جي جوابدار عمران جي بئنڪ اڪائونٽس ۽ سندس بااثر ماڻهن سان لاڳاپن جا اطلاع مليا هئا ۽ ان بنياد تي ئي مان به راءِ قائم ڪئي هئي ته جوابدار عمران جا عالمي گينگ سان واسطا آهن. منهنجي موقف سان جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان(شاهد مسعود) ان تي ندامت جو اظهار ڪيان ٿو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *