ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي ساڙيو ويو، جسم جي مختلف حصن تي تشدد جا به نشان موجود هئا، شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري. سول اسپتال حيدرآباد جي پوليس سرجن پاران جاري ڪيل ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ڊاڪٽر آڪاش کي ڇُرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، سندس جسم تي تشدد جا 12 کان وڌيڪ تشدد نشان هئا، هن کي پهريل ڪپڙن ۾ گاسليٽ جي بوءِ هئي. ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ڇرين جا زخم ڦڦڙن تائين وڃي پهتا، ڊاڪٽر آڪاش جِي مڻڪي واري هڏي به ڀڳل هئي، سندس ڳچي ۾ 6، ڇاتي ۾ 4، پيٽ تي 3، پٺيءَ تي هڪ ۽ ڄنگهه تي به هڪ هڪ زخم هو.

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *