Tuesday , March 11 2025

ڊاڪٽر عارف علوي صدر جي عهدي جو قسم کڻي ذميواريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيرهين صدر طور عهدي جو قسم کڻي ورتو، ايوان صدر ۾ تقريب ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار کيس قسم کڻايو. صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ وزيراعظم، آرمي چيف، پاڪ نيوي ايئرفورس جي سربراهن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت پارليامينٽيرينز به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پي ٽي آءِ، ق ليگ، بي اي پي ۽ پ پ پ سان لاڳاپيل ايم اين ايز ۽ سينٽرز به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

هلندڙ مهيني / سيپٽمبر جي چوٿين تاريخ تي اڪثريت سان ڪامياب ٿيل عارف علوي عهدي جو قسم کڻڻ بعد ايندڙ پنجن سالن لاءِ ملڪ جو تيرهين صدر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *