Sunday , February 23 2025

ڊاڪٽر ماها شاهه جي شڪي آپگهات، ڪيس نئون رخ اختيار ڪرڻ لڳو

ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس، جاچ پوليس پاران قبر ڪشائي لاءِ عدالت کي درخواست

ميرپورخاص (خاص نمائندو سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ٻه هفتا اڳ شڪي آپگهات ڪندڙ ماها شاهه جي قبر ڪشائي ڪرائڻ لاءِ عدات ۾ درخواست داخل. ماها شاهه جي آپگهات ڪرڻ وارو معاملو نئون رخ اخيار ڪري ويو آهي، وارثن ۽ پوليس پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪندي ماها شاهه جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ قبر ڪشائي ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ايس ايس پي جاچ بشير بروهي سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، ماها شاهه جي آپگهات وارو معاملو جناح اسپتال ڪراچي جي ميڊيڪل رپورٽ ۽ جاچ پوليس جي بيانن ۾ تضاد هئڻ واري معاملي کانپوءِ ماها شاهه جي وارثن ۽ جاچ پوليس ڪراچي ڏکڻ فوتي ڊاڪٽر ماها جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن بعد جاچ آفيسر عدالت ۾ قبرڪشائي لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.ڊاڪٽر ماها شاهه گذريل مهيني 18 هين آگسٽ تي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي هئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر ماها جي موت بابت سندس والد پڻ ڪيترائي سوال اٿاريي ڇڏيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *