ڊيرا غازي خان ۾ عورت اسپتال جي در تي ٻار کي جنم ڏنو

ڊي جي خان( سنڌسماءَچار    مانيٽنرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي ڊي غازي خان جي، غازي خان ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت کي انتظاميا داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽس مطابق اسپتال انتظاميا منٿون ڪرڻ باوجود هڪ عورت کي داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو. عورت جي مڙس صفدر ميڊيا کي ٻڌايو ته، هو پنهنجي گهر واري کي ويم ڪرائڻ لاءِ اسپتال آندو پر انتظاميا ان کي داخل نه ڪيو ۽ سندس زال تسيلم بيبي اسپتال جي مک در تي ٻار کي جنم ڏنو. ڊي  جي خان جي ڏورانهين علائقي جي ڳوٺ شيرو واسي صفدر موجب اسپتال جي گائني وارڊ جي ڊاڪٽرياڻي منهنجي گهرواري کي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بدران هڪ خانگي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ چيو، پر غريب هجڻ ڪري هُو خانگي اسپتال نه پي وڃڻ چاهيو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *