ڊي جي خان( سنڌسماءَچار مانيٽنرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي ڊي غازي خان جي، غازي خان ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت کي انتظاميا داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽس مطابق اسپتال انتظاميا منٿون ڪرڻ باوجود هڪ عورت کي داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو. عورت جي مڙس صفدر ميڊيا کي ٻڌايو ته، هو پنهنجي گهر واري کي ويم ڪرائڻ لاءِ اسپتال آندو پر انتظاميا ان کي داخل نه ڪيو ۽ سندس زال تسيلم بيبي اسپتال جي مک در تي ٻار کي جنم ڏنو. ڊي جي خان جي ڏورانهين علائقي جي ڳوٺ شيرو واسي صفدر موجب اسپتال جي گائني وارڊ جي ڊاڪٽرياڻي منهنجي گهرواري کي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بدران هڪ خانگي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ چيو، پر غريب هجڻ ڪري هُو خانگي اسپتال نه پي وڃڻ چاهيو.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …