اسلام آٻاد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جنرل نويد مختار سميت پاڪ فوج جا 5 ٿري اسٽار جنرل اڄ پهرين آڪٽوبر تي رٽائر ٿي ويندا. ميڊيا رپورٽس مطابق پاڪ آرمي جي 5 ٿري اسٽار جنرلز جي سروسز جو مدو پهرين آڪٽوبر 2018 تي مڪمل ٿي ويندو ۽ اُهي رٽائر ٿي ويندا. رٽائر ٿيندڙ پاڪ فوج جي جنرلن ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرلنذير احمد بٽ، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ (اي ايس ايف سي) جو ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ميان محمد بلال حسين، جنرل هيڊ ڪوارٽرز ( جي ايڇ ڪيو) جو ملٽري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل غيور محمود ۽ انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ انيڊ ايوايشن جي ايڇ ڪيو، ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان شامل آهن.
رٽائر ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار 1983 ۾ آرمڊ ڪور رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. ڪمانڊ اينڊ استاف ڪلايج ڪوئيٽا، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي وار ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي.نويد مختار ميڪنائزڊ ڊويزن جي به ڪمانڊ سنڀالي ۽ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل آف رينجرز به رهيو. ان کانپوءِ سيپٽمبر 2014 ڪور ڪمانڊر ڪراچي به رهيو ۽ ترقي ماڻڻ بعد 11 هي ڊسمبر 2011 تي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ مقرر ٿيو. رٽائر ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ به 1983 ۾ فرنٽيئر فورس رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اين ڊي يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري طور به ذميوارفيون سنڀاليون ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي ڊفينس اتاچي به رهي چڪو آهي.