ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري صحت لاءِ خطرناڪ کير واري ڪيس جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي،سمورن کير جي دٻن کي پي سي ايس آئي آر ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت جي حڪم موجب ليبارٽري ٽيسٽ جي لاءِ سمورين ڪمپنين کان 50 هزار رپيا وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته ٻن هفتن ۾ سمورن کير جي دٻن جي ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. عدالت ايف آئي اي کي سپريم ڪورٽ جي ناظر سان سهڪار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ان کان اڳ ۾ سپريم ڪورٽ، مارڪيٽ ۾ رکيل سمورو دٻي وارو کير ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪلڻ ۽ ميِنهن کي لڳندڙ ٽُڪا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو . چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ ڪروڙين رپيا لڳائي ليبارٽريون ٺيڪ ڪرايون ويون، سنڌ حڪومت کي خيال نه آيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي معياري کير پيئاريو وڃي. چيف جسٽس مارڪيٽ مان دٻي وارو ڪير کڻي چڪاس لاءِ ليباٽري موڪلڻ جو به حڪم ڏنو.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …