Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ڏهرڪي ۾ 7 سالن کان شر ۽ لنڊ برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو، هڪ ڪروڙ 27 لک ڏنڊ مقرر

Sardar Shahryar shar Sardar Ibrahim

 ڏهرڪي ويجهو شر ۽ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڪري ٻنهي ڌرين تي 17 خونن جو مجموعي طور ٻه ڪروڙ 27 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ٻئي ڌريون هڪٻئي تان ڪيس ختم ڪرائي قبضي ڪيل زمينون واپس ڪنديون. ڳوٺ ٻيروٽا ۾ شهريار شر جي اوطاق تي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، عابد جتوئي، ميان مٺو ۽ فياض لنڊ جي سرپئنچي هيٺ شر ۽ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ٿيو. جرڳي ۾ لنڊ برادري تي شر برادري جا 13 خون ۽ شر برادري تي لنڊ برادري جا 4 خون ثابت ٿيا. جرڳي جي سرپئنچن پاران فتويٰ جاري ڪندي لنڊ برادري تي 13 خونن جو هڪ ڪروڙ 73 لک ۽ شر برادري تي 4 خونن جو 54 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي ۾ طئي ڪيو ويو ته ٻئي ڌريون هڪٻئي تي داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪرائينديون ۽ قبضي ڪيل زمينون واپس ڪنديون. جرڳي ۾ ڌرين کي هڪٻئي سان ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار جي خاتمي تي علائقي ۾ سرهائي اچي وئي آهي. واضح رهي ته 7 سال اڳ لنڊ برادري جي هڪ مهمان کان شر برادري جي هٿيار بندن پاران موبائل فون ڦر ڪرڻ تان ٻنهي ڌرين ۾ خوني تڪرار شروع ٿيو، جنهن ۾ 17 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن……..

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *